ڪراچي-26 آگسٽ (اي پي پي)صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته عوام آمدني واپار جي بار کي گهٽ ڪرڻ لاءِ غير ملڪي شين بدران مقامي مصنوعات جي استعمال کي هٿي ڏي. اهڙو اظهار هن مقامي هوٽل ۾ ميڊ ان پاڪستان موومينٽ ۽ ميڊ ان پاڪستان ??ان??رنس ۽ سڃاڻپ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر مملڪت چيو ته اسان مقامي مصنوعات کي هٿي وٺرائي سگهون ٿا، واپاري برادري برانڊ پاڪستان لاءِ سخت محنت ڪر??، هن پاڪس??ان?? مصنوعات جي ٽريڪ رڪارڊ کي ساراهيندي چيو ته پاڪس??ان?? مصنوعات عالمي سطح تي پذيرائي حاصل ڪئي آهي، عالمي سطح تي ميڊ ان پاڪستان مصنوعات کي هٿي وٺرائڻ جي ضرورت آه??، هن واپاري اڳواڻن ۽ ملڪ جي نوجوانن کي چيو ته هو سماجي مسئلن کي صحيح ڪرڻ ۽ مقامي مصنوعات کي هٿي وٺرائڻ لاءِ فعال ڪردار ادا ڪن. صدر چيو ته اميرن کي گهرجي ته هو ضرورتمندن جي مدد ڪن، تقريب ۾ مشهور شخصيتن شرڪت ڪئي جن ۾ ميڊ ان پاڪستان تحريڪ جو باني رضوان جعفر پڻ شامل هو.