اسلام آباد – 07 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ڪنوينر خالد مقبول صديقي جي قيادت ۾ متحده قومي موومينٽ جي وفد ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ون?? پاران جاري بيان موجب وفد ۾ ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، ڊاڪٽر فاروق ستار، آءِ ٽي وارو وفاقي وزير سيد امين الحق ۽ سنڌ جو گورنر ڪامران ٽيسوري شامل هئا. وفد ستين ڊيجيٽل آدمشماري ۾ انهن جا خدشا ختم ڪرڻ ۽ آدمشماري بابت انهن ج?? تجويزن ج?? شموليت تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته الله جي فضل ۽ ڪرم سان ستين ڊيجيٽل آدمشماري خيريت سان مڪمل ٿي وئي ۽ نتيجن ج?? منظوري سمورين سياسي پارٽين ج?? اتفاق راءِ سان ٿي. ملاقات ۾ ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال تي تفصيلي مشاورت ڪئي وئي. وفد وزيراعظم کي سنڌ خاص طور تي ڪراچي ۾ جاري ترقياتي منصوبن ج?? حوالي سان آگاهه ڪيو. ملاقات ۾ اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير ??رد??ر اياز صادق پاور وارو وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير به موجود هئا.