لاهور-06 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نوابشاهه ويجهو ڪراچي کان ايندڙ هزاره ايڪسپريس جي حادثي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي ريلوي عملدارن کي حادثي ج?? رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق وزيراعظم حادثي ۾ فوتين لاءِ مغفرت جي دعا ڪئي. وزيراعظم انتظ??مي?? کي زخمين کي بهترين طبي سهولتن جي فراهمي ۽ ريلوي عملدارن کي حادثي ج?? رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم، پاڪستان ريلوي، ريسڪيو ۽ پاڪ فوج جي اهلڪارن جي مسافرن کي وقت سر امدادي ??وششن کي ساراهيو.