لاڙڪاڻو-21 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان جي پرڏيهي وزير ۽ چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جي وڏ?? وز??ر سيد مراد علي شاهه سان گڏجي لاڙڪاڻي شه?? سچل ڪالوني ۾ مرحومه پروفيسر ڊاڪٽر بلقيس ملڪ جي رهائشگاهه پهچي پروفيسر ڊاڪٽر بلقيس ملڪ جي لاڏاڻي تي سندس هنج ورتل پٽ محمد طحهٰ ملڪ ۽ هنج ورتل ڌيءَ غفرانه ملڪ سان تعزيت ڪندي جتي بلاول ڀٽو زرداري ۽ وڏ?? وز??ر سوڳوار خاندان سان افسوس جو اظهار پڻ ڪيو. ان موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڊاڪٽر بلقيس ملڪ پنهنجي سموري زندگي عوام جي خدمت ڪندي گذاري، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي هدايتن تي ڊاڪٽر بلقيس ملڪ پاڻ کي عوام جي خدمت لاءِ وقف ڪري ڇڏيو. هن چيو ته پاڪستان جي عوام خاص طور لاڙڪاڻي جا شه??ي ڊاڪٽر بلقيس ملڪ جي خدمتن کي وساري نه ٿا سگهن.