اسلام آباد – 07 –جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته سڄي ملڪ جي پريس ڪلبن کي جديد گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ جي لاءِ اطلاعات واري وزارت پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪندي رهندي. اها ڳالهه هن ايبٽ آباد پريس ڪلب جي صدر راجا هارون ۽ جنرل سيڪريٽري راجا منير جي قيادت ۾ صح??فين جي وفد سان ملاقات دوران ڳالهائ??ند?? ڪئي. ان موقعي تي پارلياماني معاملن وارو وفاقي وزير مرتضيٰ جاويد ??با??ي به موجود هو. وفد اطلاعات واري وفاقي وزير کي درپيش مشڪلاتن بابت آگاهه ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائ??ند?? اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته حڪومت صح??فت جي آزادي تي پڪو يقين رکي ٿي. هن چيو ته ايبٽ آباد پريس ڪلب جو ڳاڻيٽو ملڪ جي اهم ۽ ذميوار پريس ڪلبن ۾ ٿئي ٿو. اطلاعات واري وفاقي وزير ايبٽ آباد پريس ڪلب ۾ فوري طور تي ڪمپيوٽر ليب ۽ اسٽوڊيو قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته ايبٽ آباد پريس ڪلب جي اعلان ڪيل گرانٽ پڻ فراهم ڪئي وڃي. هن چيو ته صح??فين جي مسئلن کي حل ڪرڻ اسان جي اولين ترجيح آهي. ان موقعي تي پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير مرتضيٰ جاويد ??با??ي ايبٽ آباد پريس ڪلب جي لاءِ ڪمپيوٽر ليب، اسٽوڊيو قائم ڪرڻ ۽ گرانٽ جي فراهمي جي اعلان تي اطلاعات واري وفاقي وزير جا ٿورا مڃ??ند?? چيو ته ايبٽ آباد جي صح??في برادري محدود وسيلن جي باوجود پنهنجي پيشيواراڻيون خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي. صح??فين جي وفد اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ۽ پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير مرتضيٰ جاويد ??با??ي جا ٿورا مڃيا.