اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) پر??يهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي پر??يهي وزير?? واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ سمورين سياسي پارٽين جي مشاورت سان شرڪت ڪئي، ايس سي او جي اجلاس ۾ شرڪت ڪارائتي ثابت ٿي، ڀارت ۾ ويهي ڀارتي ب??ان??ي جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو، پاڪستان دهشتگردي کان شديد متاثر ٿيو، دهشتگردي پوري دنيا، خطي ۽ پاڪستان جو به مسئلو آهي، شهيد بينظير ڀٽو جو پٽ ۽ دهشتگردي جو سڀ کان وڌيڪ متاثر آهيان. اهڙن خيالن جو اظهار هن سينيٽ جي پر??يهي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. سينيٽ جي پر??يهي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. اجلاس جي صدارت ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر فاروق ايڇ نائيڪ ڪئي، اجلاس ۾ پر??يهي سيڪريٽري ۽ ٻيا عملدار شريڪ ٿيا. پر??يهي وزير چيو ت?? شنگهائي تعاون تنظيم جو نالو وٺڻ کانسواءِ اسان جي ميزبان ڪجهه معاملا اٿاريا، شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس دوران مختلف ملڪن جي پر??يهي وزيرن سان ملاقاتون ٿيون، ايس سي او جي اجلاس ۾ پاڪستان جي موقف کي سڀني جي سامهون رکيو. هن چيو ت?? گووا وڃڻ کان اڳ طئي ڪيو هو ت?? ڀارتي پر??يهي وزير سان ملاقات نه ڪنداسين. پر??يهي وزير چيو ت?? شنگهائي تعاون تنظيم گهڻ رخو فورم آهي جنهن جو پاڪستان 2017ع ۾ ميمبر بڻيو آهي. هن چيو ت?? شنگهائي تعاون تنظيم جي پر??يهي وزير?? واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت جي موقعي تي ڀارت ۾ مسلمانن ۽ ڪشميرين جي خلاف ٿيندڙ پروپئگنڊه جو جواب ڏيڻ جو موقعو مليو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ت?? پاڪستان هڪ پرامن ملڪ آهي ۽ هو خطي ۾ امن جو خواهشمند اهي، ڀارتي ب??ان??ي جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو، پاڪستان دهشتگردي کان شديد متاثر ٿيو، دهشتگردي پوري دنيا، خطي ۽ پاڪستان جو به مسئلو آهي. پر??يهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ت?? آئون شهيد بينظير ڀٽو جو پٽ ۽ دهشتگردي جو سڀ کان وڏو متاثر آهيان. هن چيو ت?? سعودي عرب ۽ ايران جي وچ ۾ لاڳاپن جي بحالي جي آجيان ڪريون ٿا. پر??يهي وزير چيو ت?? آئون ڪنهن به پليٽ فارم کي ڇڏڻ جو حامي نه آهيان، آگسٽ 2019ع کانپوءِ شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ ڪافي مشڪل هو. هن چيو ت?? جيڪڏهن ڪميٽي اجازت ڏي ته جي – 20 اجلاس تي ان ڪئميره بريفنگ بهتر ڏئي سگهان ٿو. سينيٽ جي پر??يهي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪميٽي جي ميمبرن ۽ لاڳاپيل عملدارن پڻ شرڪت ڪئي.