اسلام آباد / ڪراچي – 19 – مئي (اي پي پي) پاڪس??ان پيپلزپارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي 9 مئي جي واقعن جي خلاف مذمتي قرارداد منظور ڪندي واقعن جي ??مي??ارن کي ڪٽهڙي ۾ آڻي سخت کان سخت سزا ڏنڻ جو مطالبو ڪيو آهي. پيپلزپارٽي جي صدر آصف علي زرد??ري ۽ پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرد??ري جي صدارت ۾ بلاول هائوس ڪراچي ۾ پاڪس??ان پيپلزپارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو هائبرڊ اجلاس منعقد ڪيو ويو. جنهن ۾ 9 مئي جي واقعن تي مذمتي قرارداد منظور ڪئي وئي، قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته پاڪس??ان پيپلزپارٽي 9 مئي تي ملڪ جي مختلف شهرن ۾ پيش ايندڙ واقعن جي پرزور ۽ ڀرپور مذمت ڪري ٿي، قرارداد ۾ سرگوڌا ۾ شهيدن جي يادگار کي نقصان پهچائڻ، جناح هائوس کي باهه لڳائڻ، دير ۾ ايف سي قلعي ۾ ڀڃ ڊاهه ڪرڻ، مردان ۾ ڪرنل شير خا?? جي مجسمي کي ٽوڙڻ، سوات موٽروي ٽول پلازه کي ساڙڻ، راولپنڊي جي ميٽرو اسٽيشن ۽ پشاور جي ريڊيو اسٽيشن کي باهه ڏيڻ، پشاور ۾ چاغي ماڊل ۽ ايڌي ايمبولينس کي تباهه ڪرڻ، ڪراچي ۾ مسافر بسن کي باهه لڳائڻ جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ نجي، سرڪ??ري ۽ فوجي ملڪيتن ۽ حساس ٺڪاڻن تي حملن کي پاڪس??ان رياست جي رٽ کي چئلينج ڪرڻ جي برابر قرار ڏنو ويو آهي، قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته پاڪس??ان پيپلزپارٽي کي ڏهاڪن تائين سياسي انتقام جو نشانو بڻايو ويو جڏهن ته پيپلزپارٽي پنهنجي ليڊرشپ جي هدايتن جي پيروي ڪندي ڪڏهن به تشدد جو رستو اختيار نه ڪيو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو عدالتي قتل ٿيو، مير شا??نواز ڀٽو ۽ مير مرتضيٰ ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي رت سان ونهجاريو ويو ويو پر پاڪس??ان پيپلزپارٽي ان سڀ جي باوجود پاڪس??ان کپي جو نعرو هنيو جيڪو سمورين پارٽين جي سياسي ڪارڪنن جي لاءِ هڪ روشن مثال آهي، قرارداد ۾ پي ٽي آءِ حڪومت جي دور ۾ وڏي عمر ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرد??ري جي قيد جڏهن ته پيپلزپارٽي عورت شعبي جي مرڪزي صدر فريال ٽالپر جي اڌ رات جو اسپتال مان جيل منتقلي جو ذڪر ڪندي چيو ويو ته ڪڏهن به سياسي ڏاڍ جي نتيجي ۾ پاڪس??ان پيپلزپارٽي ملڪ ۽ ملڪي ادارن جي خلاف ڪڏهن جٿابندي ناهي ڪئي، قرارداد ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته 9 مئي جي واقعن جي ??مي??ارن کي ڪٽهڙي ۾ آڻي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي.