اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سعودي عرب جي ??رڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان السعود سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سعودي عرب ۽ ايران جي ??چ م لاڳاپن کي مع??ول تي ??ڻڻ بابت تازي ”ٽه ڌريي گڏيل بيان“ جي ذريعي اعلان تي ??عودي پرڏيهي وزير کي مبارڪباد ڏني ۽ ان مثبت اڳڀرائي تي ??عودي عرب جي ??يادت کي ساراهيو. پرڏيهي وزير چيو ته اهو معاهدو پوري خطي ۾ امن، سلامتي، واپار ۽ ترقي جي ??اءِ بامعنيٰ ڳالهين جي شروعات جي راهه هموار ڪندو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ سعودي عرب جي ??چ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي ورجائيندي ٻطرفي اسٽريٽجڪ حصيداري کي وڌيڪ سگ??ه ڏيڻ ۽ متنوع بڻائڻ جي ??اءِ پنهنجي گڏيل عزم کي ورجايو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ سعودي عرب جي ??چ ۾ لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي ??اءِ اعليٰ سطح جي ??ٽاسٽا جي اهم ڪردار تي پڻ زور ڏنو.