اسلام آباد – 16 مارچ (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار ??يو آهي ته پاڪستان جي جوهري ۽ ميزائل پروگرام تي ڪو به سمجهوتو نٿو ٿي سگهي، اسان پاڪستان جي عوام جا نمائندا ۽ قومي مفادن جا محافظ آهيون، ڪنهن کي اهو اختيار ناهي ته هو پاڪستان جي ميزائل پروگرام تي ڊڪٽيشن ڏي، آ??ِ ايم ايف سان معاهدي ٿيڻ سان گڏ ئي سمورا تفصيل ناڻي واري وزارت جي ويب سائيٽ تي وڌا ويندا. سينيٽ جي 50 سالا تقريبن جي ٻئي ڏينهن پنهنجي خطاب ۾ ناڻي واري وزير اسحاق ڊار غير ملڪي سفارتڪارن جي آجيان ڪندي ??يو ته سينيٽ آف پاڪستان جي برابري، اجتماعيت، صوبائي خودمختياري ۽ جامع پارلياماني جمهوريت لاءِ هڪ شاندار تاريخ آهي، سينيٽ ۾ ڪميٽين جو جامع نظام آهي، اسان جمهوري اصولن کي مضبوط بڻائڻ لا??ِ اجتماعي ڪردار ادا ڪري رهيا آهيون، ڪو به قانون هتي ٻنهي ايوانن مان منظور ٿيندو آهي جنهن ۾ سينيٽ جو اهم ڪردار آهي، سينيٽ ۾ مالياتي ??ل تي ??جويزون ڏنيون وينديون آهن، مون ناڻي واري وزير طور انهن سفارشن کي وڌ کان وڌ بجيٽ جو حصو بڻايو آهي، هن ??يو ته اسان دنيا جي جمهوريتن مان سکندا آهيون، سفارتڪارن سان خيالن جي ڏي وٺ ڪندا آهيون، اسان مان هر هڪ جون آئيني ۽ پارلياماني ذميواريون آهن، مون کي يقين آهي ته اسان سڀن گڏجي هن ڌرتيءَ تي ??مهوريت ۽ انساني قدرن کي بهتر بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهون ٿا، شفاف مالياتي ڊسيپلين کانسواءِ ڪا به جمهوريت يا جمهوري نظام ڪامياب نٿو ٿي سگهي، رضا رباني طرفان اٿاريل ڪجهه نڪتن جو جواب ڏيندي ناڻي واري وزير ??يو ته مون ناڻي واري وزير طور پهريون ڀيرو جنوري 1999ع ت?? آ??ِ ايم ايف سان ٿيل معاهدي جا سمورا تفصيل ويب سائيٽ تي ??ار?? اپ لوڊ ڪيا، 1998ع ۾ جڏهن آئون ناڻي وارو وزير بڻيس تڏهن آ??ِ ايم ايف پروگرام معطل هو، مون قوم سان هي واعدو ڪيو هو ته سمورا تفصيل ويب سائيٽ تي وڌا ويندا ۽ عوام کي ان تائين پهچ هوندي، شفاف ليول معاهدي ۽ ايم اي ايف کي حتمي شڪل ڏني پئي وڃي، ان جي حتمي منظوري کانپو سمورا تفصيل ناڻي واري وزارت جي ويب سائيٽ ت?? اپ لوڊ ڪيا ويندا.