اسلام آباد – 20 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن تي دٻاءُ وجهي غيرآئيني طور تي اليڪشن جي تاريخ وٺڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي، صدر عارف علوي جي وفاداري آئين سان هجڻ گهرجي. جاري پنهنج?? هڪ بيان ۾ هن ??يو ته اليڪشن ڪميشن آئيني ادارو آهي، عمران خان جي ٽائيگر فورس بڻجڻ نه ڏينداسين. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته صدر عارف علوي آئين شڪني ڪئي ته آرٽيڪل 6 کي منهن ??يڻو پوندو. هن ??يو ته صدر عارف علوي جي وفاداري آئين سان هجڻ گهرجي. هن ??يو ته عارف علوي قومي اسيمبلي تحليل ڪري اڳ ۾ ئي بظاهر آئين شڪني ڪري چڪو آهي. وفاقي وزير چيو ته سپريم ڪورٽ جي تشريح موجب صدر جو عهدو علامتي آهي، سپريم ڪورٽ موجب ڪنهن هڪ سياسي ??ار??ي سان ڳٺ جوڙ صدر جي منصب ۽ حلف جي خلاف ورزي آهي.