اسلام آباد – 06 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي امدادي سا??ان کڻي خصوصي جهاز اڄ رات 10 وڳي ترڪيه روانو ٿيند??. و??يراعظم آفيس جي پريس ونگ پارا?? جاري بيان موجب سي 130 جهاز چڪلالا ايئربيس تان آرمي سرچ اينڊ ريسڪيو ٽيم کڻي سڌو ترڪيه جي زلزلي کان متاثر علائقن ۾ پهچندو. 7 فيبروري جي صبح پي آءِ اي جي اڏام تان 50 ماڻهو ۽ 15 ٽن سا??ان ترڪيه روانو ٿيندو. ٽيم ۾ ريسڪيو 1122 جا ??هلڪار به شامل آهن. 7 فيبروري تي لاهور کان سي 130 جهاز 7 ٽن امدادي سا??ان کڻي استنبول روانو ٿيندو. امدادي سا??ان ۾ سرديءَ ۾ استعمال ٿيندڙ خيما، ڪمبل ۽ ٻيون ضرورت جون شيون شامل آهن. 8 فيبروري تي پي آءِ اي جي اڏامن جي ذريعي اسلام آباد ۽ لاهور مان 15 ٽن امدادي سا??ان ترڪيه ۽ شام موڪليو ويندو. صحت واري وزارت ۽ آرمي ميڊيڪل ٽيمون ترڪيه ۽ شام موڪليون وينديون.