اسلام آباد– 25 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علو?? پاڪستان ڊائمنڊ جوبلي ??مغه 2022ع جي نالي ??ان نئون تمغو عطا ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ايوان ص??ر جي پريس ونگ موجب صدر نئون تمغو عطا ڪرڻ جي منظوري اعزاز ايڪٽ 1975ع تحت ڏني آهي. پاڪستان ڊائمنڊ جوبلي ??مغو 2022ع پاڪ فوج، سول فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ماڻهن ک?? پاڪستان جي جاگرافيائي ۽ سياسي حدن جي دفاع ۾ خدمتن ۽ قربانين جي اعتراف ۾ ڏنو ويندو، تمغو عسڪريت پسندي ۽ دهشتگردي جي خاتمي ۽ اندروني ۽ ٻاهرئين طور تي امن قائم ڪرڻ جي لاءِ خدمتن ۽ قربانين جي اعتراف ۾ ڏنو ويندو. اهو تمغو پاڪستان قائم ٿيڻ جي 75 هين سالگرهه 14 آگس?? 2022ع کان نافذ العمل هوندو.