ڊيووس – 17 – جنوري (اي پي پي) عالمي اقتصادي فورم جو 53 هون ساليانو اجلاس سوئيٽزرلينڊ جي شهر ڊيووس ۾ جاري آهي، اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڪري رهيو آهي. پاڪستان 20 جنوري تائين جاري رهندڙ عالمي اقتصادي فورم جي مختلف اجلاسن ۾ عالمي اقتصادي اهميت جي مسئلن تي پنهنجو موقف پيش ڪندو. ورلڊ اڪنامڪ فورم جي صدر جي دعوت تي پرڏيهي وزير فورم جي سالياني اجلاس ۾ شريڪ آهي. اجلاس دوران پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا ر??اني کر سياسي اڳواڻن، ڪارپوريٽ ايگزيڪيوٽوز، عالمي ادارن جي سربراهن، ميڊيا ۽ سول سوسائٽي جي اهم شخص??تن سميت شرڪت ڪندڙ اهم شخص??تن سان ??ه ملاقاتون ڪندا.