اسلام آباد– 16 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب سپريم ڪورٽ بار جي اڳوڻي صدر عبدالطيف آفريدي جي قتل جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته عبدالطيف آفريدي مظلومن جو مضبوط آواز هو، هو حق ڳالهائيندڙ ۽ سچو انسان هو، ان جي بي رحماڻي قتل جي جيتري مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي. پنهنجي مذمتي بيان ۾ هن چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ بار روم جي اندر اهڙي قسم جي بي رحماڻي ڪارروائي امن امان جي سنگين صورتحال جو مظهر ??هي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عبدالطيف آفريدي جي آئ??ن، قانون ۽ جمهوريت جي لاءِ جدوجهد کي سلام پيش ڪريون ٿا. هن دعا ڪئي ته الله ??عا??يٰ مرحوم ??ي جنت ۾ اعليٰ مقام ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.