اسلام آباد– 24 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ع??وي ليفٽيننٽ جنرل ساحر شمشاد مرزا جي فوري طور تي جنرل جي عهدي تي ترقي ۽ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اس??اف ڪميٽي مقرري ۽ لفيٽيننٽ جنرل سيد عاصم منير جي فوري طور تي جنرل جي عهدي تي ترقي ۽ بطور چيف آف آرمي اس??اف مقرر?? ڪري ڇڏي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف ع??وي ليفٽيننٽ جنرل ساحر شمشاد مرزا جي فوري طور تي جنرل جي عهدي تي ترقي ۽ بطور چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اس??اف ڪميٽي مقرر?? ڪري ڇڏي. بطور چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اس??اف ڪميٽي مقرري 27 نومبر 2022ع کان لاڳو ٿيندي. صدر ڊاڪٽر عارف ع??وي ليفٽيننٽ جنرل سيد عاصم منير جي فوري طور تي جنرل جي عهدي تي ترقي ۽ بطور چيف آف آرمي اس??اف مقرر?? ڪري ڇڏي. چيف آف آرمي اس??اف طور مقرري 29 نومبر 2022ع کان لاڳو ٿيندي. صدر ترقيون ۽ مقرريون آئين جي آرٽيڪل 243 چار اي ۽ بي، آرٽيڪل 48 ۽ پاڪستان آرمي ايڪٽ 1952ع جي سيڪشن 8 اي ۽ 8 ڊي تحت ڪيون. صدر ان حوالي سان خميس ڏينهن ملندڙ سمري تي صحيحون ڪيون.