اسلام آباد-10 نومبر (اي پي پي) ماحولياتي تبديليءَ بابت وفاقي وزير ۽ سينيٽر شيري رحمان چيو آ??ي ته دنيا کي ماحولياتي تبديلي جي حوالي سا?? پيش ايندڙ بحران کي مُنهن ڏيڻ لاءِ وسيلن جي منصفاڻي ورڇ جي عزم جو ارادو ڪرڻو پوندو، هاڻ وقت اچي ويو آ??ي ته ڪلائمينٽ فائنانس بابت ٽائمز لائنز مقرر ڪئي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن شرم الشيخ ۾ ڪاپ 27 ۾ پاڪستان پويلين ۾ ”دي لاسٽ اينڊ ڊي ڊيميجڊ“ جي عوام سا?? سيشن ۾ شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته دنيا کي ماحولياتي تبديلي جي حوالي سا?? پيش ايندڙ بحران کي مُنهن ڏيڻ لاءِ وسيلن جي منصفاڻي ورڇ جي عزم جو ارادو ڪرڻو پوندو، ڪاپ 27 ۾ يقيني بڻائڻو پوندو ته ماحولياتي تبديلي سا?? نقصان جو ازالو اڻٽر آهي. وفاقي وزير چيو ته اسان عالمي پليٽ فارم تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون ڇاڪاڻ ته هر ملڪ کي ويٽو جو حق حاصل آهي، اسان جو مطالبو آ??ي ته گلوبل نارٿ گلوبل سائوٿ کان اڳيان وڌي فوري قدمن جو تعين ڪريون جيڪو ماحولياتي خطرن کي نئين فرنٽ لائن جي چائنٺ تي آهي، هاڻ وقت اچي ويو آ??ي ته دنيا پنهنجي عملي قدمن کي يقيني بڻائي.