شرم ??لش??خ – 07 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف س??ن ڪوپ 27 سربراهي ڪانفرنس جي موقع?? تي عراق، تاجڪستان، انڊونيشيا جي صدرن ۽ لبنان جي وزيراعظم ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب مصر ۾ موسمياتي تبديلين جي عالمي ڪانفرنس جي موقع?? تي پاڪست??ن ۾ ٻوڏ ??تا??رين جي مدد لاءِ ڪوششن تي وزيراعظم شهباز شريف سڀني جي نگاهن جو مرڪز بڻجي ويو، عالمي اڳواڻن وزيراعظم جي ٻوڏ ??تا??ر علائقن ۾ مسلسل موجودگي کي غيرمعمولي جذبو قرار ڏنو. ڪانفرنس جي پهرين ڏينهن وزيراعظم شهباز شريف مصروف ڏينهن گذاريو. هن ڪوپ 27 سربراهي ڪانفرنس جي موقع?? تي شرم ??لش??خ ڪانگريس سينٽر ۾ اهم عالمي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون. وزيراعظم سان عراق جي صدر عبداللطيف راشد، تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان، انڊونيشيا جي صدر جوويدود جدا جدا ملاقات ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف س??ن لبنان جي وزيراعظم نجيب ميڪاتي پڻ ملاقات ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف انڊونيشيا جي صدر سان ڳالهائيندي چيو ته کاڄرو تيل جي فوري پهچ تي توهان جا تمام گهڻا ٿورائتا آهيون. انڊونيشيا جي صدر چيو ته پاڪستان اسان جو ڀاءُ آهي، هر ممڪن مدد تي خوشي ٿيندي. وزيراعظم شهباز شريف انڊونيشيا جي حڪومت ۽ عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو پيغام ڏنو. وزيراعظم تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان سان ملاقات ڪئي. ان موقع?? تي وزيراعظم چيو ته تاجڪستان جو صدر هلندڙ سال ڊسمبر ۾ پاڪستان ايندو. ٻنهي اڳواڻن ۾ موسمياتي تبديلي جي تباهي آڻيندڙ اثرن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. غيرملڪي اڳواڻن پاڪست??ن ۾ ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهين ۽ جاني نقصانن تي افسوس جو اظهار ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته موسمياتي تبديلين سان پوري دنيا ??تا??ر ٿي رهي آهي، ان جا منفي اثر گهٽ ڪرڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششون لازمي آهن. وزيراعظم ٻوڏ ??تا??رين جي مدد تي عالمي برادري جا ٿورا مڃيا. ملاقات ۾ عالمي اڳواڻن ٻطرفي، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.