فيصل آباد – 31 آڪٽوبر (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير خان چيو ??هي، ته ??زيراعظم شهباز شريف اڄ کان چين جي دوري تي روانو ٿي رهيو ??هي، ان جو چين وارو دورو سي پيڪ لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر نئين جذبي سان اڳتي وڌائڻ جو شاندار قدم ثابت ٿيندو ۽ ترقي جي انهن دشمنن جن گذريل چئن سالن ۾ سي پيڪ تي ڪم روڪي ملڪ ۽ قوم جو وڏو نقصان ڪيو. فسادي ۽ فتني تي ٻڌل ايجنڊا جي ابتڙ ٻيهر سي پيڪ تي ڪم شروع ڪري پاڪستان کي تعمير ۽ ترقي ۽ خوشحالي جي راهه تي گامزن ڪيو ويندو جنهن سبب معاشي ترقي سان گڏوگڏ عوام جي زندگي جو معيار بلند ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هلندڙ سال اربين رپين جي لاڳت سان توانائي جا منصوبا مڪمل ڪيا ويندا ۽ ان مان گهربل توانائي جي حاصلات سميت بجلي جي گهٽتائي جو خاتمو اچي ويندو. هو لاليان ۾ ڪروڙين رپين جي لاڳت سان مڪمل ٿيل 220 ڪي وي گرڊ اسٽيشن جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ??ه ڄاڻايل منصوبي سان جتي توانائي جون ضرورتون پوريون ٿينديون اتي ننڍا وڏا صنعتي يونٽ لڳندا جڏهن ته علائقي م پهاڙين جي ڪٽائي جي تياري ۾ لڳول اسٽون ڪريشرز لاءِ وولٽيج پورا ٿي ويندا. هن چيو ??ه گرڊ اسٽيشن جو منصوبو ئي افتتاح ناهي، بلڪه هن علائقي جي ترقي جو پڻ افتتاح ٿيو ??هي. ڇاڪاڻ ته جڏهن هتي نوان يونٽ لڳندا ۽ سيڙپڪاري ايندي ته ??تان جي ماڻهن کي روزگار جي فراهمي پڻ ممڪن ٿي سگهندي. هن چيو ??ه ان کان اڳ نواز شريف پنهنجي دور ۾ بجلي جي کوٽ جو خاتمو ڪيو هو ۽ جتي روزاني 18-18 ڪلاڪ بجلي جي لوڊ شيڊنگ ٿيندي هئي اتي ملڪ کي لوڊ شيڊنگ فري ڪري ڇڏيو، اهو ئي نه بلڪه ڪراچي جهڙي شهر ۾ روزانو 30-30 قتل ٿيندا هئا اتي ماڻهو ڏيهي ۽ پرڏيهي سيڙپڪاري روڪي ڇڏي هئي، نه صرف امن قائم ڪيو ??لڪه سڄي ملڪ مان دهشتگردي جو خاتمو يقيني بڻايو. هن چيو ته ??واز شريف هن ملڪ کي روشن ۽ د??شتگردي کان پاڪ ڪرڻ سان گڏوگڏ ڏيهي ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ڪيو ??نهن سان پاڪستان ترقي ۽ تعمير جي منزل طرف گامزن ٿيو پر فتني خان جي فسادي حڪومت سڀني ڪمن تي پاڻي ڦيري ڇڏيو ۽ پنهنجي گذريل 4 سالن جي حڪومتي دور ۾ ملڪ کي 50 سال پوئتي ڌڪي ڇڏيو. انجنيئر خرم دستگير چيو ته ??واز شريف ملڪ ۾ سي پيڪ آڻي پاڪستان جي ترقي جي بنياد رکي. هن چيو ته ??يسڪو ملڪ جي اهم ترين ڊسٽري بيوشن ڪمپني آهي ڇاڪاڻ ته ??ي پاڪستان جي مانچسٽر ۽ ٽيڪسٽائيل حب فيصل آباد جي ڪاروباري، صنعتي ۽ روانگي واپار جي ترقي ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿي. هن چيو ته ??اڻ سسٽم ۾ نئين بجلي شامل ٿيڻ سان ڪاروباري، صنعتي ترقي جو ڦيٿو تيز ٿيندو ۽ وولٽيج پڻ ڊراپ نه ٿيندا. هن چيو ته ??ي ترقي جي تڙپ ئي هئي جيڪي منصوبا گذريل دور ۾ روڪيا ويا هئا، انهن تي عمل شروع ڪيو ويو ??هي، انهن ۾ هڪ منصوبو ڪروٽ هائيڊرو اليڪٽرڪ پاور ڪي775 ميگاواٽ جي پلانٽ جو پڻ هو جيڪو ماضي ۾ 4 سال بند رهيو پر هاڻ ان کي هلايو ويو ??هي. اهڙي طرح ايندڙ ڏينهن ۾ پڻ 1320ميگاواٽ شهنگائي ٿرڪول پراجيڪٽ ۾ ڪم شروع ڪري ڇڏيندو. هن چيو ته ??واز شريف ۽ شهباز شريف جو مشن آهي ته ??سا?? هن مٽي کي سنواريون ۽ ان کي ترقي ڏيون.