آستانه – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان فل????ين جي صدر محمود عباس ملاقات ڪئي، ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ دلچسپ مڪالمو ٿيو ۽ انهن جي جذباتي ڳالهه ٻولهه اسلامي اخوت ۽ ڀائيچاري جو مثال بڻجي وئي. محمود عباس پيار مان وزيراعظم شهباز شريف جا ٻئي هٿ پنهنجي هٿن ۾ پڪڙي ورتا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب فل????ين جو صدر ۽ وزيراعظم شهباز شريف هڪ ٻئي سان گرموشي سان گلي مليا ۽ انهن جي وچ ۾ دلچسپ مڪالمو ٿيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف فل????ين جي صدر سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته ٻوڏ دوران توهان جي مدد تي تمام گهڻا ٿورائتا آهيون. محمود عباس چيو ته پاڪستان اسان جو گهر آهي، پاڪستاني اسان جا ڀائر ۽ ڀينرون آهن، پاڪستاني اسان جي گهر جا ڀاتي آهن، اسان انهن جي لاءِ ڪجهه به ناهي ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ائين نه چئو، ف??س??ين ٻوڏ سٽيلن جي جهڙي طرح مدد ڪئي، وساري نه ٿا سگهون، پاڪستان ڪڏهن به فل??طينين کي وساري نه ٿو سگهي، توهان جي ڪاميابي تائين پاڪستان توهان جي حق لاءِ آواز اٿاريندو رهندو. فل??طيني صدر محمود عباس چيو ته اسان پاڪستان کي ڪڏهن به وساري نه ٿا سگهون، هڪ سئو سال کان اسان پاڪستانين کي ڪڏهن ناهي وساريو، مفتي فل????ين پنهنجي لاڏاڻي تائين پاڪستان ۾ رهيو، ان جي سارسنڀال پاڪستان ڪئي، پاڪستان قائم ٿيڻ کان اڳ کان اسان پاڪستانين سان گڏ آهيون. وزيراعظم چيو ته فل????ين اسان جي ايمان ۽ يقين جو حصو آهي، ف??س??ين اسان جي دل ۾ آهي. هن چيو ته اڄ جي ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي حمايت ڪندڙ اڳواڻن ۾ توهان شامل آهيو، توهان جي حمايت ۽ جذبي تي دل جي گهرايئن سان ٿورا مڃان ٿو.