نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر چيو آهي ته پاڪستان اقليتن جي حقن جي فروغ ۽ تحفظ کي وڏي اهميت ڏي ٿو، پاڪستان جي آئين ۾ ا??هن جي حقن جو تحفظ ڪيو ويو آهي ۽ عدليه ا??هن کي برقرار رکيو آهي. مملڪتي وزير اها ڳالهه نيويارڪ ۾ آمريڪا جي عالمي مذهبي آزا??ي بابت سفير رشاد حسين سان ملاقات دوران چئي. هن چيو ته پاڪستان جي پارليامينٽ اقليتن سميت سمورن شهرين جي انساني حقن جي تحفظ کي تمام گهڻي سنجيدگي سان وٺي ٿي، مذهبي هم آهنگي پاڪستان جي طاقت آهي ۽ مذهبي اقليتون پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. هن چيو ته پارليامينٽ، عدليه ۽ خدمتن ۾ ا??هن جي نمائندگي آهي، ا??هن کي سياسي طور تي ٺوس بڻائڻ ۽ ا??هن جي نمائندگي وڌائڻ جي شعوري ڪوششون ڪيون پيون وڃن. مملڪتي وزير چيو ته ڀارت ۾ وڌندڙ عدم برداشت، انتهاپسندي ۽ اقليتن تي ظلم ۽ ڏاڍ ۽ ڀارت جي غيرقانوني قب??ي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ڪشميرين جي خلافل مسلسل ڏاڍ عالمي برادري خاص طور تي آمريڪا جي لاءِ شديد ڳڻتي جو سبب هجڻ گهرجي. رشاد حسين پاڪستان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي ڪري قيمتي جانين جي نقصان تي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ ملڪيتن ۽ انفراسٽرڪچر جي تباهي تي افسوس جو اظهار ڪيو. هن مذهبي آزادي سان لاڳاپيل معاملن تي آمريڪا سان پاڪستان جي مسلسل رابطن کي ساراهيو.