نيويارڪ – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد ??هباز شريف ٻوڏ متاثرين جي مشڪلاتن جي خاتمي لاءِ ڀرپور وڪ??لت ڪرڻ ۽ موسمياتي تبديلين جي مسئلي جي حل لاءِ فوري قدمن ??رف دنيا جو ڌيان ڇڪرائڻ تي گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري انتونيو گوتريس جا ٿورا مڃيا آهن. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظ?? چيو ته ٻوڏ متاثرين جي مشڪلاتن جي خاتمي لاءِ ڀرپور وڪ??لت ڪرڻ ۽ موسمياتي تبديلين جي مسئلي جي حل لاءِ فوري عمل جوڳي قدمن جي لاءِ دنيا جو ڌيان ڇڪرائڻ تي گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري انتونيو گوتريس جا ٿورائتا آهيون. هن چيو ته عالمي برادري موسمياتي تبديلي جي مسئلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عملي قدم کڻي.