اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان نجي موبائ??ل ڪمپني جي وائيس پريزيڊنٽ ليو سونگ ملاقات ڪئي ۽ ٻوڏ سٽيلن جي امداد ۽ بحالي جي لاءِ هڪ ڪروڙ رپين جو چيڪ ڏنو. اي??ان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ليو سونگ صدر کي ٻ??ڏ سٽيلن جي امداد ۽ بحالي جي لاءِ هڪ ڪروڙ رپين جو چيڪ ڏنو. صدر چيو ته تباهي آڻيندڙ ٻوڏ ريلن سڄي ملڪ ۾ ڪروڙين ماڻهن کي متاثر ڪيو آهي. سرندي وارن ۽ ڪاروباري طبقي کي گهرجي ته هن مشڪ?? گهڙيءَ ۾ پنهنجي ڀائرن ??ي دل کولي امداد ڪن.