فيصل آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) مرڪزي علماءَ ڪائونسل پاڪستان جي اهتمام هيٺ 5 آگسٽ تي ڀارتي قدمن تحت ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪرڻ ۽ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي خلاف ڪشمير استحصال ڏهاڙو ملهايو ويندو. ان موقعي تي سمورن شهرن ۾ احتجاجي تقريبون منعقد ڪيون وينديون جن جو مقصد نه رڳو ڪشميري ڀائرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ پر عالمي دنيا کي باور ڪرائڻ آهي ته ڪشميرين جي خواهشن ۽ گڏيل قومن جي ??راردادن موجب ڪشمير مسئلي کي فوري حل ۽ اتي ڀاريت فوج جون غا??با??يون ڪارروايون فوري روڪيون وڃن. ختم نبوت اسلامڪ ريسرچ سينٽر ويجهو جامع مسجد گول فيصل آباد ۾ عالمن جي ??فد سان ملاقات ۾ مرڪزي عالم ڪائونسل پاڪستان جي چيئرمين صاحبزاده زاهد محمود قاسمي چيو ت?? هو نه رڳو 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت پاران ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪرڻ ۽ والاريل ڪ??مير تي ڀارت جي غا??با??ي قبضي جي ??رزور مذمت ڪريون ٿا پر عالمي برادري کان مطالبو ڪريون ٿا ته اها ڪشمير جي ??سئلي کي انساني ۽ عالمي حقن جي ڏس ۾ ڏسي. هن چيو ته ڀارت والاريل ڪ??مير جي غيرتمند ڪشميرين جو حر??ت جو جذبو ختم ڪرڻ جي ??اءِ هر حربو استعمال ڪ??ي ورتو پر اهي انهن جي آزادي جو جذبو ۽ شوق شهادت ختم ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ڪري سگهيا. هن چيو ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيـٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جون بدترين پائماليون ۽ خلاف ورزيون ڪيون پيون وڃن پر دنيا جون سموريون ننڍيون وڏيون طاقتون ان تي خاموش آهن جيڪو انتهائي مذمت جوڳو فعل آهي.