بيجنگ – 22 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چين جي اسٽيٽ قونصلر ۽ پرڏيهي وزير وانگ يي سان گڏ ??اڪ??تان ۽ چين جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جا 71 سال مڪمل ٿيڻ جي خوشي ۾ ڪيڪ ڪاٽيو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چين جي اسٽيٽ قونصلر ۽ پرڏيهي وزير وانگ يي جي دعوت تي چين جي ٻن ڏينهن جي دوري تي آهي ۽ هو ڏکڻ چين جي شهر گوانگ زو ۾ آهي جيڪو چين جي صوبي گوانگ ڊونگ جو سڀ کان وڏو شهر ۽ گادي وارو شهر پڻ آهي. چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان زاولي جيان پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ ??اڪ??تان ۽ چين کي پنهنجي سفارتي لاڳاپن جي قي??م جي 71 هين سالگرهه تي مبارڪباد پڻ ڏني. چين ۾ ??اڪ??تان جي سفير معين الحق پنهنجي پيغام ۾ چيو ته پاڪ چين سفارتي لاڳاپن جي 71 هين سالگرهه جي موقعي تي اسان ان ڳالهه کي ورجايون ٿا ته اسان پنهنجي مضبوط دوستي کي وڌيڪ مضبوط ڪنداسين، اسٽريٽ??ڪ رابطن کي مضبوط ڪنداسين، ماحولياتي رابطن کي م??تح??م بڻائيندي عوام سان عوام جي وچ ۾ رابطن ۽ مٽاسٽا کي فروغ ڏنو ويندو ۽ ٻطرفن لاڳاپن کي نئين بلندين تائين وٺي وڃبو. ??اڪ??تان ۽ چين جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي قي??م جي 71 هين سالگرهه جي موقعي تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري به 21 مئي کان چين جي ٻن ڏينهن جي دوري تي آهي. 21 مئي 1951ع تي ??اڪ??تان ۽ چين جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائ?? ٿيا. ??اڪ??تان چين کي تسليم ڪندڙ شروعاتي ملڪن مان هڪ ۽ چين سان سفارتي لاڳاپا قائم ڪندڙ پهريون اسلامي ملڪ آهي.