اسلام آباد – 09 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اي?? ڪيو ا??م اسان جي اتحادي پارٽي آهي، اسان هڪ ٻئي سان تعاون ڪندا آيا آهيون، اي?? ڪيو ا??م جي قيادت سان وزيراعظم جي تمام سٺي ملاقات رهي. وزيراعظم عمران خان جي اي?? ڪيو ا??م جي قيادت سان ٿيندڙ ملاقات جي حوالي سان هڪ بيان ۾ پرڏيهي وزير چيو ته ملاقات ۾ اسان سڄي صورتحال جو جائزو پڻ ورتو. هن چيو ته اي?? ڪيو ا??م اسان جي اتحادي پارٽي آهي اسان هڪ ٻئي سان تعاون ڪندا آيا آهيون، اسان انهن سان اڳتي جي حڪمت عملي جوڙي ۽ ان کي حتمي شڪل ڏني جڏهن ته اي?? ڪيو ا??م وزيراعظم جي ذات تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو. اي?? ڪيو ا??م جي قيادت چيو ته توهان بهادر آباد اسان جي گهر آيا آهيو اسان توهان سان گڏ آهيو. اي?? ڪيو ا??م قيادت وزيراعظم آڏو نه ڪو مطالبو رکيو ۽ نه ئي ڪا گلا ڪئي. پرڏيهي وزير چيو ته اسان اي?? ڪيو ا??م جا ٿورائتا آهيون جو ا??هن اسان کي تمام ??هڻي عز?? ڏني ۽ پنهنجي مڪمل تعاون جي خاطري ڪر??ئي.