اسلام آباد – 17 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته جديد ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آڻي ميون جي پيداوار ۾ اضافي جي ذريعي روانگي واپار کي فروغ ڏئي سگهجي ٿو، روانگي واپار جي فروغ لاءِ ويليو ايڊيشن ۽ ٻجن جي معيار ۾ بهتري جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن واپار واري وزارت ۽ سرگوڌا چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي اهتمام هيٺ تر??اوه ميوا (موسمي ۽ مالٽا) شو 2022ع جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته دنيا ۾ پاڪستاني ميون جي شهرت ۽ ملڪ ۾ دستياب سهولتن بابت هن تقريب جو اهتمام اهميت رکي ٿو. پاڪستان اسرندڙ ملڪ آهي. روانگي واپار ۽ آمدني واپار جي وچ ۾ توازن کي برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي. ملڪ ۾ روانگي واپار کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته الله تعاليٰ هر شيءَ کي خوبصورت ۽ منفرد بڻايو آهي. انسان شين جي پلاسٽڪ سان پيڪنگ ڪري ٿو. خوبصورت پيڪنگ جي ذريعي مصنوعات کي پرڪشش بڻايو وڃي ٿو. هن چيو ته اسان کي ويليو ايڊيشن ۽ پيداواري لاڳت گهٽ ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. پيداواري لاڳت گهٽ ٿيڻ سان هر شخص ان کي استعمال جي لاءِ خريد ڪري ??گه?? ٿو. اسان کي مصنوعات جي پيداوار ۾ اضافي جي لاءِ دنيا جي تجربن مان فائد?? کڻڻ گهرجي. ملڪي سطح تي ماحولياتي صورتحال جي ڏس ۾ تحقيق ڪري بهتر بڻايو پيو وڃي. مصنوعات جي پيداوار ۾ اضافي ۽ روانگي واپار جي فروغ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي استعمال ۾ آندي وڃي. هن چيو ته يونيورسٽين کي مارڪيٽ جي ضرورت موجب تعليم ?? مهارتن کي فروغ ڏيڻ گهرجي. سرگوڌا يونيورسٽي، سرگوڌا چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري کي ڀرپور تعاون فراهم ڪري رهي آهي. هن چيو ته حڪومت روانگي واپار جي فروغ ۽ مصنوعات ۾ بهتري جي لاءِ هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي. هن چيو ته ميون کي خراب ٿيڻ کان بچائڻ جي لاءِ ڪولڊ چين هجڻ گهرجي. هن چيو ته افغانستان ۾ جلد امن ٿيندو. افغانستان جي معيشت بهتر ٿيندي ته اتي به پاڪستاني مصنوعات خاص طور تي ميون جي گهرج وڌندي. پاڪستان تر??اواه ميوا پيدا ڪندڙ 11هون وڏو ملڪ آهي. ان ۾ وڌيڪ بهتري آڻڻ جي ضرورت آهي. غذائيت تي ٻڌل پيداوار تي ڌيان ڏنو وڃي. مصنوعات جي سرٽيفڪيشن ٿيڻ گهرجي. ان سان ويليو ايڊيشن ۾ بهتري ايندي. مصنوعات جي کپت ۽ قيمت وڌيڪ ٿيندي. هن چيو ته پاڪستان جي مينگو ڊپلوميسي ڪامياب رهي. دنيا ۾ انب موڪلي ان جي قدر ۽ اهميت ۾ اضافو ڪيو وڃي ٿو.