اسلام آباد – 15 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته دنيا ۾ اڳتي وڌڻ جي ??اءِ ٽيڪنالاجي ??ان فائدو کڻڻو پوندو، 22 ڪروڙ آبادي کي رسمي معيشت جو حصو بڻائي ??ثاثو بڻائي ??گهجي ??و، سمنڊ پار پاڪستانين جي ??اءِ وڌيڪ آسانيون پيدا ڪنداسين، جيڪي ماڻهو ٽيڪس نه ٿا ڏين انهن تائين پهچنداسين، حڪومت مشڪل وقت ۾ معاشري جي غريب طبقن جي سڌوسنئون مدد ڪندي، هيٺئين طبقي جون حالتون بهتر ٿينديون، اها ئي ??صل ڪاميابي هوندي، پوري دنيا ۾ غربت وڌي پر پاڪستان ۾ گهٽ ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ جي ??هرين ڊيجيٽل پيمنٽ سسٽم ”راست“ جاري ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته 22 ڪروڙ جي آبادي کي جيڪڏهن اسان رسمي معيشت جو حصو بڻائي ڇڏيون ته ان کي هڪ اثاثي ۾ تبديل ڪري سگهجي ??و. دنيا ۾ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ جيڪا جدت اچي رهي آهي ان مان فائدو نه کڻنداسين ته اهي 22 ڪروڙ ماڻهو بار بڻجي ??يندا. وزيراعظم چيو ته عام ماڻهو بئنڪ ۾ ويندي ڊڄندو آهي. بئنڪن ۾ به سوٽ پاتل ۽ انگريزي ڳالهائيندڙن کي اهميت ڏني وڃي ٿي. ”راست“ سان عام ماڻهو کي سهولت ملندي. هن چيو ته هيٺئين طبقي کي مٿي آڻڻ ئي ??ڪومت جي اصل ڪاميابي آهي. خيبرپختونخواهه ?? اسان جي حڪومت آئي ??ه اهو صوبو دهشتگردي جو شڪار هو. 500 کان 700 پوليس اهلڪار شهيد ٿي چڪا هئا. ان صوبي ۾ اسان جيڪي قدم کنيا انهن جي ڪري خيبرپختونخواهه جي عوام جيڪا ٻيون ڀيرو ڪنهن کي موقعو نه ٿي ڏي اسان کي ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان ٻيهر چونڊيو. ان جو سبب اهو هو ته گڏيل قومن جي اداري يو اين ڊي پي موجب خيبرپختونخواهه ?? غربت سڀ کان وڌيڪ تيزي سان گهٽ ٿي هئي، ان لاءِ اتان جي عوا?? اسان کي ٻيهر چونڊيو. وزيراعظم چيو ته حڪومت جي ??ڄاڻي تائين اسان جي ڪاميابي جو پئمانو اهو هوندو ته ملڪ ۾ غربت گهٽ ٿي يا نه ۽ خوشحالي جو ثمر هيٺ تائين پهتو يا نه. وزيراعظم چيو ته ورلڊ بئنڪ جي رپورٽ موجب سڄي دنيا ۾ غربت وڌي پر پاڪستان ۾ ان ۾ گهڻي قدر گهٽتائي ??ئي. هن چيو ته پورهيت ۽ عام طبقي جي ??اڻهن وٽ بئنڪن ۾ وڃڻ جو وقت ناهي هوندو. ”راست“ سان عام ماڻهو کي پنهنجي ??وبائيل فون ذريعي به بئنڪنگ جي سهولت حاصل ٿي ويندي ۽ سيونگ بهتر ٿيندي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ ٽيڪس ٽو جي ڊي پي ريشو گهٽ آهي، ان سلسلي ۾ قدم کنيا پيا وڃن. ايف بي آر ۾ به ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪنداسين. 22 ڪروڙ جي آبادي ۾ رڳو 20 لک ماڻهو ٽيڪس ڏين ٿا. اهڙا ماڻهو به آهن جن جو لائيف اسٽائيل تمام سٺو آهي ۽ گهرن ۾ گاڏيون بيٺل آهن پر هڪ رپيو ٽيڪس نه ٿا ڏين. هاڻي اسان ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪندي انهن تائين به پهچنداسين ۽ انهن کان به ٽيڪس وٺنداسين. وزيراعظ?? اسٽيٽ بئنڪ جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي هدايت ڪئي ??ه سمنڊ پار پاڪستانين جي ??اءِ وڌيڪ آسانيون پيدا ڪيون وينديون ۽ انهن جي شڪايتن جي ازالي لاءِ سيل قائم ڪيو وڃي. هن چيو ته سمنڊ پار پاڪستاني اسان جو تمام وڏو اثاثو آهن. پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ انهن جو سڀ کان وڏو ڪردار آهي. انهن جي ??اءِ وڌيڪ آسانيون پيدا ڪيون وينديون. هيٺئين طبقي جون حالتون بهتر ڪنداسين. احساس راشن پروگرام شروع ڪيو آهي. عام ماڻهو جي ??شڪل وقت ۾ سڌوسنئون مدد ڪئي ويندي ۽ پئسو سڌوسنئون ڏنو ويندو. ان سلسلي ۾ ”راست“ مان به فائدو کنيو ويندو. ان کان اڳ ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت فياض ترين تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته بئنڪنگ سيڪٽر تمام ترقي ڪري چڪو آهي. هڪ زماني ۾ رقم جي ??نتقلي ۾ ڪيترائي ڏينهن لڳي ويندا هئا پر ”راست“ جي ذريعي هاڻي اهو ڪم سيڪنڊز ۾ ٿيندو. بئنڪنگ جي شعبي ۾ انقلاب اچي چڪو آهي. ان سان اي ڪامرس ۾ به اضافو ٿيندو ۽ نه رڳو ماڻهن جي ??چ ۾ پر ڪاروباري ۽ واپاري ڏيتي ليتي جي ??اءِ پڻ جديد ٽيڪنالاجي ۽ ”راست“ کي استعمال ۾ آندو ويندو. ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته آءِ ٽي جي شعبي ۾ ترقي سان بئنڪنگ شعبي کي تمام گهڻو فائدو ٿي رهيو آهي. اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر رضا باقر تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته وزيراعظم بئنڪنگ جي ??ظام کي بهتر بڻائڻ جي سدائين هدايت ڪئي ??هي. بئنڪون هاڻي عام شهرين کي به قرض فراهم ڪري رهيون آهن. ”راست“ ڊيجيٽل ادائيگي ۾ انقلاب آڻيندو. هن چيو ته راست جا چار خصوصي جز آهن، ان جي ذريعي فوري ادائيگيون ٿينديون. راست ڪيش ادائيگي جي ابتڙ فوري ڊيجيٽل ادائيگي ممڪن بڻائي ٿو. راست مڪمل طور تي مفت خدمت آهي، ان ۾ ڪي به لڪل چارجز نه آهن. راست جي ??اءِ موبائيل ذريعي رجسٽريشن ٿئي ٿي ۽ هاڻي ايپ، انٽرنيٽ بئنڪنگ جي چينلز جي ذريعي ان تائين پهچ ممڪن آهي. راست کي ڪنهن به بئنڪ جي اڪائونٽ سان ڳنڍيو ويندو. هن چيو ته نئون پاڪستان هائوسنگ اسڪيم تحت بئنڪن مان 131 ارب رپيا قرض جي ??نظوري ڏني وئي ??هي. پاڪستان ۾ ڊيجيٽل بئنڪ قائم ڪرڻ جي ??اءِ فريم ورڪ جوڙيو ويو آهي. ڊيجيٽل بئنڪ گهٽ فيس سان وڌيڪ سهولتون فراهم ڪندي. هن چيو ته ڏورانهن علائقن ۾ نادرا سان گڏجي اڪائونٽ کولڻ جي ??اءِ بائيو ميٽرڪ جي سهولت پڻ فراهم ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي ملڪي بئنڪاري جي ??ظام ۾ شامل ڪرڻ جي ??اءِ خصوصي قدم کنيا ويا آهن. هن چيو ته گذريل مالي سال ۾ 500 ارب ڊالر اي بئنڪنگ ذريعي منتقل ٿيا. اها شرح جي ڊي پي کان به وڌيڪ آهي. اي بئنڪنگ ڏيتي ليتي ۾ هر سال 30 سيڪڙو اضافو ٿي رهيو آهي. هن چيو ته هن وقت 10 ڪروڙ شهرين وٽ موبائيل فون آهي پر اهي بئنڪنگ جي سهولت مان فائدو نه کڻي رهيا آهن. ڪجهه هفتن ۾ سموريون بئنڪون ”راست“ سان ڳنڍجي ??ينديون.