بيجنگ – 04 فيبروري (اي پي پي) و??ير??عظم عمران خان ڀارت جي جارحاڻي رويي ۽ هندوتوا نظريي جي غلبي کي علائقائي امن لاءِ خطرو قرار ڏيندي چيو ??هي ته عالمي برادري کي ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ والاريل ڪشمير ۾ ظلمن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، افغانستان ۾ امن ۽ سلامتي کي يقيني بڻائڻ لاءِ تعاون پاڪستان ۽ چين جي ??ڏيل مفاد ۾ آهي، درپيش چئلينجن جي پيش نظر دنيا هاڻي هڪ ٻي سرد جنگ جي سٽ نٿي سهي سگهي. و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب چين جي دوري دوران و??ير??عظم عمران خان چين جي مشهور ٿنڪ ٽينڪس، يونيورسٽين ۽ پاڪستان اسٽيڊيز سينٽرز جي سربراهن ۽ نمائندن سان خصوصي اجلاس منعقد ڪيو. اجلاس دوران و??ير??عظم پاڪ چين لاڳاپن جي اهميت ۽ علائقائي استحڪام ۽ خوشحالي کي يقيني بڻائڻ تي زور ڏنو. هن گهڻ رخي فورمز تي پاڪ – چين گڏيل موقف کي اجاگر ڪندي ون چائنه پاليسي ۽ بنيادي مفاد رکندڙ ٻين معاملن تي پاڪستان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. و??ير??عظم ڪشمير تڪرار تي چين جي پختي حمايت تي به ٿورو ادا ڪيو. و??ير??عظم چين سان پاڪستان جي سدابهادر اسٽريٽجڪ حصيداري جو ورجاءُ ڪندي صدر شي جن پنگ جي بيلٽ اينڊ روڊ انيشيٽو جي هڪ اهم منصوبي جي طور تي سي پيڪ جي اهميت کي اجاگر ڪيو. و??ير??عظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته جتان کان سي پيڪ جو پهريون مرحلو بنيادي ڍانچي جي ترقي ۽ رابطي تي مرڪوز هو اتان ايندڙ مرحلي ۾ صنعتڪاري، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۾ تعاون ۽ زرع?? شعبي تي ڌيان ڏنو ويندو. و??ير??عظم چيو ته پاڪستان سيڙپڪاري لاءِ ٻين ماڳن جي برابر يا ان کان بهتر مراعتن جي آڇ ڪري رهيو آهي. و??ير??عظم زور ڏنو ته بي شمار عالمي چئلينجن جي پيش نظر دنيا کي هڪ ٻي سرد جنگ جي ضرورت نه آهي، ورهاست جي نتيجي ۾ مصيبتن ۾ اضافو ۽ گڏيل فائدن کان محرومي جو خدشو آهي. و??ير??عظم چيو ته پاڪستان جو اهو عزم هو ته عالمي سياست ۾ تصادم بدران تعاون ٿيڻ گهرجي، پاڪستان ماضي ۾ ان ڏس ۾ پل جو ڪردار ادا ڪيو ۽ هو ٻيهر اهڙو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي. و??ير??عظم پاڪستان جي قومي سلامتي پاليسي جو حوالو ڏيندي زور ڏنو ته سندس حڪومت اهڙي پاليسي ۾ اقتصادي سلامتي کي بنيادي اهميت ڏني آهي، اهو ويزن رابطن ۽ ترقياتي حصيداري تي ٻڌل آهي، جنهن لاءِ چين ۽ پاڪستان جي حصيداري اڻٽر آهي. علائقائي تناظر کي بحث هيٺ آڻيندي و??ير??عظم چيو ته هو سمجهي ٿو ته افغانستان ۾ امن ۽ سلامتي کي يقيني بنائڻ ۾ تعاون پاڪستان ۽ چين جي ??ڏيل مفاد ۾ آهي، هن عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته افغانين کي ان مشڪل وقت ۾ اڪيلو نه ڇڏيو وڃي، هن امن، ترقي ۽ رابطن جي ??ڏيل مقصدن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ پاڪستان ۽ چين جي افغانستان سان گڏجي ??م ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. و??ير??عظم ڀارت جي جارحاڻي رويي ۽ هندوتوا نظريي جي ??اهه کي علائقائي امن لاءِ خطرو ۽ خطي جي ??گهي عدم استحڪام جو سبب قرار ڏيندي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت جي مسلسل ظلمن طرف ڌيان ڏياريو ۽ عالمي برادري تي زور ڏنو ته هو ڪشميرين جي خلاف ڀارتي ظلمن تي ڌيان ڏي. و??ير??عظم ٻنهي ملڪن جي ٿنڪ ٽينڪس، يونيورسٽين ۽ تحقيقي ادارن جي وچ ۾ ثقافتي ۽ علمي رابطن سميت عوامي سطح تي رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. و??ير??عظم ٻنهي ملڪن کي درپيش گڏيل خطرن ۽ موقعن کي بهتر انداز ۾ سمجهڻ لاءِ گڏيل تحقيق ۽ فڪري مڪالمي لاءِ وڌيڪ ڪوششن تي زور ڏنو. اجلاس ۾ پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي، ناڻي واري وزير شوڪت فياض ترين، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر ۽ واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، و??ير??عظم جي سي پيڪ بابت خاص مددگار خالد منصور، قومي سلامتي واري صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف ۽ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.