اسلام آباد – 22 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشر??ات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چ??و آ??ي ته شريف فيملي راڻا شميم ڪيس ۾ ان انڪشاف جي ترديد ناهي ڪئي ته اهو حلفيه بيان نواز شريف جي آفيس ۾ سندس هدايتن موجب تيار ٿيو. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چ??و ته راڻا شميم ۽ سوليسٽر نواز شريف جي آفيس ۾ اهو حلفيه بيان رڪارڊ ڪرايو، سمورا واقعا ظاهر ڪن ٿا ته اهو ڊرامو عدالت تي اثرانداز ٿيڻ جي لاءِ ڪيو ويو.