اسلام آباد – 08 جنوري (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته مري ۾ ڦاٿل سياحن کي محفوظ هن??ن تائين پهچائڻ لاءِ پاڪ آرمي، ايف سي ۽ رينجرز کي طلب ڪيو ويو آهي، برفباري ۾ ڦاٿل سياحن کي ڪڍڻ لاءِ سڄي را?? آپريشن جاري رهيو پر ان باو??ود 16 کان 19 ماڻهن جي گاڏين اندر موت ٿي آه??، مري ويندڙ سمورا رستا بند ڪيا ويا آهن، مقامي ماڻهن کي اپيل آهي ته اهي برفباري ۾ ڦاٿل ماڻهن کي خوراڪ ۽ ڪمبل مهيا ڪن. مري ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد احمد چيو ته ضلعي انتظاميا ۽ پوليس جي اعليٰ آفيسرن جي نگراني ۾ سياحن کي محفوظ هن??ن تي منتقل ڪيو پيو وڃي. هن ٻڌايو ته گذريل پندرنهن کان ويهه سالن کانپوءِ شهرين جي هڪ وڏي انگ برفباري جي سيزن ۾ مري ۽ گليات جو رخ ڪيو آهي ۽ سڄي را?? آپريشن جاري رهڻ باو??ود 16 کان 19 ماڻهو موت جو شڪار ٿيا. هن ٻڌايو ته آپريشن دوران برفباري ۾ ڦاٿل هڪ هزار گاڏين کي ڪڍيو ويو آهي ۽ شام تائين وڌيڪ هڪ هزار گاڏين کي برفباري مان ڪڍيو ويندو. هن ٻڌايو ته پنجاب ح??ومت ۽ اسلام آباد جي ضلعي انتظاميا طرفان سڄي را?? آپريشن جاري رهيو ۽ اڄ پاڪ آرمي، رينجرز ۽ ايف سي جي جوانن کي طلب ڪيو ويو آهي ته جيئن برفباري ۾ ڦاٿل سياحن کي خوراڪ، گرم ڪپڙا مهيا ڪرڻ سان گڏو گڏ برفباري مان ڪڍي سگهجي. هن چيو ته شهري ٻن ڏينهن لاءِ مري جو رخ نه ڪن ڇو جو آچر جي شام تائين مري ويندڙ سمورا رستا بند ڪيا ويا آهن.