اسلام آباد – 06 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عمان جي سيڙپڪارن تي زور ڏنو آهي ته عماني واپاري ??اڪ??تان ۾ سيڙپڪاري ڪن ۽ ??اڪ??تان جي آزاد ۽ سيڙپڪاري دوست پاليسين مان فائدو وٺن، ??اڪ??تان جي سازگار ڪاروباري پاليسين سان غير ملڪي سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ چڱو خاصو اضافو ٿيو، ??اڪ??تان غير ملڪي سيڙپڪاري راغب ڪرڻ لاءِ خصوصي اقتصادي ۽ ٽيڪنالاجي زونز ??ائم ڪيا آهن، اهڙن خيالن جو اظهار هن عمان چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي چيئرمين انجنيئر ريڌا جمعه محمد الصالح جي قيادت ۾ واپاري وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. صدر چيو ته حڪومت عماني واپارين کي ??اڪ??تان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ ۾ سهولت فراهم ڪندي، واپاري وفد جي دوري سان ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري برادرين جي وچ ۾ رابطا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. ملاقات ۾ اقتصادي لاڳاپن جي فروغ لاءِ واپاري ماپو وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ويو، ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي چيمبر آف ڪامرس جي وچ ۾ رابطا وڌائڻ تي به اتفاق ڪيو ويو، عماني وفد مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو، وفد واپار ۽ سياحت جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ڌرين ڀائر ملڪن کي وڌيڪ ويجهو آ??ڻ لاءِ عوامي رابطن کي فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو.