لاهور – 31 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته عوامي ڀلائي جي سمورن منصوبن تي گهربل بج??ٽ کي ترجيحي بنيادن تي فراهم ڪيو ويندو آهي ته جيئن انهن منصوبن کي وقت سر ۽ بهترين طريقي سان مڪمل ڪري موثر عوامي خدمت کي يقيني بڻائي سگهجي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان ج??ري بيان موجب وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ پنجاب ۾ ترقياتي بج??ٽ تي بريفنگ اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار، اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، تعليم و??ري وفاقي وزير شفقت محمود، وزيراعظم جي خاص مددگار شهباز گل، اطلاعات و??ري مملڪتي وزير فرخ حبيب، ناڻي و??ري صوبائي وزير مخدوم هاشم جوان بخت، پنجاب جي چيف سيڪريٽري ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ناڻي و??ري صوبائي وزير مخدوم هاشم جوان بخت وزيراعظم کي بريف ڪيو ته پنجاب جو تازو ترقياتي بج??ٽ تاريخي طور تي سڀ کان وڏو 740 ارب روپيا مختص ڪيو ويو آهي، وزيراعظم عمران خان کي پناب ۾ مواصلات جي ذريعن، تعليم رستن جي تعمير ۽ صحت جي شعبي ۾ ج??ري ترقياتي پروجيڪٽس جي تڪميل تي گهربل بج??ٽ تي پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ جي چيئرمين عبدالله سنبل بريفنگ ڏني. وزيراعظم عمران خان عوامي ڀلائي جي سمورن منصوبن تي گهربل بج??ٽ کي ترجيحي بنيادن تي فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن انهن منصوبن کي وقت سر ۽ بهترين طريقي سان مڪمل ڪري موثر عوامي خدمت کي يقيني بڻائي سگهجي. وزيراعظم عمران خان عوامي ڀلائي جي ترقياتي منصوبن بابت عوامي آگاهي جي مهم کي وڌيڪ موثر بڻائڻ جي به هدايت ڪئي.