اسلام آباد -19 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته خاتم النبيين حضرت محمد صلي ال??ه عليه وسلم جن جي ولادت جي مبارڪ ترين ڏينهن تي پوري مسلم امت کي مبارڪون پيش ڪيان ٿو، اسوه حسنه تي عمل ڪري ئي اسان بهترين م??اشرو جوڙي سگهون ٿا.
گهرو وزارت طرفان جاري ڪيل بيان م??ابق شيخ رشيد احمد جشن عيد ميلاد النبي صلي ال??ه عليه وسلم جن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته نبي آخر الزمان حضرت محمد صلي ال??ه عليه وسلم جن جو امتي هئڻ تي انتهائي فخر محسوس ڪيان ٿو. نبي ڪريم صلي ال??ه عليه وسلم جن م??هبي، لساني، معاشرتي ۽ معاشي تعصبن کان پاڪ معاشري جو بنياد رکيو.
گهرو وزير چيو ته اسوه حسنه تي عمل ڪري ئي اسان بهترين م??اشرو جوڙي سگهون ٿا. هن چيو ته دعا آهي ته الله ت??ال??ٰ اسان سڀني کي اسوه حسنه تي عمل ڪرڻ جي توفيق ۽ همٿ عطا ڪري.