اسلام آباد – 02 – آڪٽوبر (اي پي پي) و??ير??عظم عمران خان چيو آهي ته افغانستان ۾ عام ماڻهو جي مشڪلاتن جو خاتمو ?? معاشي ٻاڙائي جي روڪٿام لاءِ معاشي قدمن جي ضرورت آهي، افغان عوام جي انساني ضرورتن کي پورو ڪيو وڃي. و??ير??عظم عمران خان تاجڪستان جي صدر امام علي رحمانوف سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. و??ير??عظم عمران خان تاجڪستان جي صدر جا سندس ۽ سندس وفد جي 16 ۽ 17 سيپٽمبر 2021ع جي تازي دوشنبي جي دوري دوران شاندار استقبال تي ٿورا مڃيا. ٻنهي اڳو??ڻن دوشنبي ۾ ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه تي اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، ٻنهي اڳو??ڻن ٻطرفي تعاون جي موجوده سطح تي اطمينان جو اظهار ڪندي ويجهي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششون جاري رکڻ جي عزم کي و??جايو. و??ير??عظم عمران خان تاجڪستان جي صدر کي افغانستان جي پائيدار امن ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کان آگاهه ڪيو. هن ان ڏس ۾ قومي مفاهمت جي اهميت تي زور ڏنو. و??ير??عظم عمران خان چيو ته افغان عوام جي انساني ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ فوري قدمن جي ضرورت آهي. عالمي برادري کي ضروري انساني معاونت جي لاء?? پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن افغانستان ۾ اقتصادي ٻاڙائي ۽ عام ماڻهو کي درپيش مشڪلاتن جي خاتمي لاءِ فوري اهميت جي معاشي قدمن تي پڻ روشني وڌي. ٻنهي اڳو??ڻن افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام ۾ معاونت جي ڪوششن کي وڌيڪ ٺوس بڻائڻ ۽ ان ڏس ۾ ويجهي رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو.