اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو ??هي ته پرامن، محفوظ ۽ مستحڪم افغانستان پاڪستان ۽ خطي جي لاءِ اهميت رکندڙ آهي، پاڪستان افغانستان جي معاشي بهتري، انساني ريليف ۽ مدد جي لاءِ پنهنجو ڪردار جاري رکندو. هو قطر جي ڊپٽي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير شيخ محمد بن عبدالرحمان آلثاني سان ملاقات دوران ڳالهائي رهيو هو، ملاقات دوران افغانستان جي ترقي ۽ پاڪستان ۽ قطر جي مختلف شعبن ۾ لاڳاپن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم ان موقعي تي قطر جي امير لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ان موقعي تي چيو ??ه پاڪستان افغانستان تڪرار جي ڪري مشڪلاتن جو شڪار رهيو ??هي، هڪ پرامن، محفوظ ۽ مستحڪم افغانستان پاڪستان ۽ خطي جي لاءِ اهم آهي. افغانستان جي بدلجندڙ صورتحال جي حوالي سان وزيراعظم زور ڏنو ته ??يڪيورٽي جي صورتحال ۾ استحڪام انساني بحران جي روڪٿام ۽ معيشت جي مضبوطي انتهائي اهم آهي. هن چيو ??ه پاڪستان افغانستان جي امداد انساني ريليف ۽ معاشي بهتري جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو ??هي ۽ ڪندو رهندو. وزيراعظم عالمي برادري کي چيو ته ??ها افغانستان جي عوام سان يڪجهتي ??ي لاءِ اٿي بيهي ۽ افغانستان ۾ پائيدار امن، استحڪام ۽ معاشڊي ترقي يقيني بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻي ۽ مثبت ڳالهيون ڪري. وزيراعظم افغان امن عمل ۾ قطر جي ڪردار کي ساراهيو. وزيراعظم ٻطرفن لاڳاپن جي ڏس ۾ قطر سان گڏ??ل مفاد جي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي خواهش کي ورجايو. هن ??اپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ عوامي سطح تي ??ابطن کي وڌائڻ جي ضرورت تي ??ور ڏنو. ان موقعي تي قطر جي ڊپٽي وزيراعظم علائقائي امن ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪستان جي اهم ڪردار ۽ ڪوششن کي ساراهيو. هن ??طرفن ۽ علائقائي معاملن تي پاڪستان سان پنهنجو ويجهو رابطو برقرار رکڻ جو عزم ڪيو.