اسلام آباد – 03 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم ??مران خان سان برطانوي پرڏيهي وزير ڊومينڪ راب ملاقات ڪئي جنهن ۾ افغانستان ۾ ٿيندڙ تازي اڳڀرائي سميت ٻطرفن معاملن ۽ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم ??مران خان برطانوي وزيراعظم ??ورس جانسن سان پنهنجي ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه جو ذڪر ڪندي افغانستان ۾ تبديل ٿيندڙ صورتحال تي پاڪستان جو موقف پيش ڪ??و. وزيراعظم پاڪستان ۽ خطي جي استحڪام لاءِ پرامن، محفوظ ۽ مستحڪم افغانستان جي اهميت کي اجاگر ڪيو. وزيراعظم چيو ته افغانستان ۾ سلامتي جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ، امن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻڻ ۽ عوامي هجرت کي رو??ڻ لازمي آهي. ان سلسلي ۾ انساني بحران کي روڪڻ ۽ معيشت کي مستحڪم ڪرڻ جي فوري ضرورت آهي. وزيراعظم ??ور ڏنو ته عالمي برادري کي افغان عوام سان گڏ بيهڻ گهرجي، مثبت رابطا قائم ڪرڻ گهرجن ۽ پرامن، مستحڪم ۽ سمورن گروپن تي ٻڌل سياست کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ مراعتون ڏيڻ گهرجن. وزيراعظم ??فغانستان جي اندر ۽ ٻاهر موجود ”سپوائلر“ جي ڪردار جي حوالي سان خبردار ڪندي چيو ته اهي صورتحال کي خراب ڪري سگهن ٿا. وزيراعظم ??رطانوي پرڏيهي وزير کي ڀارت جي قبضي هيٺ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي وڏي پئماني تي خلاف ورزين بابت پڻ آگاهه ڪيو. هن سينيئر ڪشميري اڳواڻ سيد علي گيلاني جي ميت کي وارثن کان لڪائڻ جي ڀارت جي غيرانساني رويي بابت پڻ ٻڌايو. وزيراعظم ??مران خان پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ?? عوام جي وچ ۾ مضبوط رابطن ۽ پراڻن لاڳاپن جو پڻ ذڪر ڪيو. وزيراعظم پاڪستان کي ريڊ لسٽ ۾ رکڻ تي خدشن جو اظهار ڪندي چيو ته ان سان ٻٽي شهريت رکندڙ شهرين کي مشڪلاتون درپيش آهن. ملاقات ۾ ماحولياتي تبديلي، ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ استحڪام ۽ عالمي سياسي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.