اسلام آباد – 28 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان ??مورن صوبن تي زور ڏنو آ??ي ته اهي راندين جي بحالي ۽ نوجوانن کي راندين جي سهولتن جي فراهمي تي پنهنجو ڌيان ڏين، پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ جي فروغ لاءِ احسان ماني جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. ٽوئيٽر تي جاري ٽوئيٽس ۾ وزيراعظم عمران ??ان چيو آ??ي ته پنجاب جي اسڪولن ۾ ڪرڪيٽ جي لاءِ خاص طور تي سينٽرل پنجاب ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن جي ڪوششن جو جائزو وٺندي کيس خوشي ٿي آهي. سڄي پنجاب ۾ 870 اسڪول ۽ 231 ڪاليج گرائونڊز ۽ 355 راندين جا ??يدان ??يار ڪيا ويا آهن. وزيراعظم سمورن صوبن تي زور ڏنو آ??ي ته اهي راندين جي بحالي ۽ نوجوانن کي راندين جي سهولتن جي فراهمي تي پنهنجو ڌيان ڏين. وزيراعظم پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين طور پنهنجي 3 سالا مدي ۾ پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ جي فروغ لاءِ احسان ماني جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ سندس ٿورا مڃيا. وزيراعظم چيو ته هو ملڪ ۾ پهريون ڀ??رو علائقائي ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ جو ڍانچو قائم ڪرڻ ۽ ملڪ ۾ عالمي ڪرڪيٽ جي ??اپ??ي ۾ احسان ماني جي ڪردار کي ساراهي ٿو.