اسلام آباد – 11 آگسٽ (اي پي پي) ??طل??عات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته افغانستان جي اٺين صوبي تي طالبانن جي قبضي کانپوءِ افغانستان ?? آمريڪي عوام کي افغانستان جي موجوده حڪ??رانن جي سامهون سوال رکڻ گهرجي ته آخر افغانستان کي ڏنل 2 هزار ارب ڊالر زمين کائي وئي يا آسمان ڳهي ويو. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ايترا پئسا لڳڻ کانپوءِ افغان فوج پنن وانگر ڇو وکري رهي آهي؟ ??طل??عات واري وفاقي وزير چيو ته افغانستان جي عوام غربت ۾ پيسجي رهي آهي پر افغانستان جا ??ياستدان ?? جرنيل ارب پتي آهن، انهن سڀني جا ٻاهرين ملڪ اربين روپين جا ??ثاثا آهن، ڪرپشن ڪهڙي طرح قومن کي غرق ڪري ڇڏيندي آهي، افغانستان ان جو مثال آهي.