اسلام آباد – 18 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان نئين داسو ڊيم جي تعمير لاءِ ڪم ڪندڙ ڪارڪنن ۽ انجنيئرز کي خراج تحسي?? پيش ڪندي چيو آهي ته ملڪي ترقي لاءِ اهو من??وبو انتهائي اهميت رکندڙ آهي، ان سان مستقبل ۾ ملڪ کي سستي بجلي دستياب هوندي. اهڙن خيالن جو ??ظهار هن داسو ڊيم جي تعميراتي ڪم جو ??ائزو وٺڻ دوران ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم زير تعمير ڊيم جي مختلف حصن ۽ ٽنل جو معائنو ڪيو، هن چيو ته اهو هڪ مشڪل ڪم آهي جنهن کي انجام ڏيڻ تي آئون غير ملڪي انجنيئرز سميت سمورن ڪارڪنن کي خراج تحسي?? پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته ان من??وبي سان ملڪ کي سستي بجلي ملندي، ان طرح جا من??وبا گهڻو پهرين شروع ٿيڻ گهرجن ها ته جيئن ملڪ لاءِ سستي بجلي دستياب ٿئي ها. جهڙي طرح منگلا ۽ تربيلا مان ملڪ کي سستي بجلي حاصل ٿي ۽ پاڪستان جي صنعتن کي ان مان فائدو کڻڻ جو موقعو مليو ۽ ملڪ ترقي طرف گامزن ٿيو، وزيراعظم چيو ت?? معيشت بهتر ٿي رهي آهي، ملڪ تيزي سان اڳتي وڌي رهيو آهي.