اسلام آباد – 10 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي ويزن ”ڪو بکيو نه سمهندو“ تحت پاڪس??ان بيت المال پاران موبائل فوڊ وين جو آزمائشي طور تي آغاز ڪيو ويو آهي. وزيراع??م هائوس مان جاري ٽوئيٽ موجب ان قدم تحت وڏن شهرن جي مصروف شاهرائن ۽ چوراهن تي ڪم ڪندڙ ڏهاڙيدار مزدورن ۽ غريب ماڻهن کي تازي کاڌي جي سهولت فراهم ٿيندي.