اسلام آب??د ?? 05 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي موجوده دور ۾ ڊجيٽل ميڊيا جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته سماجي مسئ??ن، خصوصي ماڻ??ن کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ، عورتن کي بااختيار ??ڻا??ڻ ۽ اخلاقيات جي فروغ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، حڪومت درست حڪمت عملي تحت عام ماڻهو کي ڪورونا وبا کان بچائڻ ۽ معاشي تحفظ فراهم ڪرڻ جي لاءِ جامع قدمن کنيا، مهانگائي ۽ بيروزگاري تي ضابطو آڻڻ جي ڪوششن جا ثمر جلد عوام تائين پهچڻ شروع ٿي ويندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ ڊجيٽل ميڊيا انفلوئنسرز سان هڪ ويهڪ ۾ ڪيو. صدر چيو ته موجوده دور ۾ ڊجيٽل ميڊيا جي اهميت گهڻي وڌي وئي آهي، اها عوامي راءِ ??ڻا??ڻ جو ذريعو آهي. هن چيو ته ڊجيٽل ميڊيا جا ڪيترائي رخ سامهون آيا آهن، ان سان جتي ماڻهن جو وڏو تعداد فائدو کڻي رهيو آهي اتي ان جي استعمال جي باري ۾ اعتراض به ڪيا پيا وڃن جنهن ۾ جعلسازي جي ذريعي ماڻ??ن کي لُٽڻ ۽ ڪوڙيون ۽ من گهڙت خبرون پکيڙڻ جو ذريعو هجڻ به شامل آهي. هن چيو ته ميڊيا جي طاقت ۽ ذميداراڻي ڪردار ۾ توازن تعمير ۽ ترقي لاءِ تمام گهڻو اهم آهي، صحت ۽ احتياط، خصوصي ماڻ??ن کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ، عورتن کي بااختيار ??ڻا??ڻ، سماجي قدرن ۽ اخلاقيات جي فروغ جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.