پشاور – 18 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير ??ينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته مخالف ڌر ج?? لُٽ مار جي ڪري پاڪستان قرضي ٿيو، ماضي جي حڪمرانن جي شاهه خرچين سان خرچ وڌيا، وزيراعظم پنهنجي گهر ۾ رهندو آهي ڪا ڪيمپ آفيس نه آهي، تحريڪ انصاف جو شروع کان موقف ??هيو آهي ته چونڊون اوپن بيلٽ جي ذريعي ٿيڻ گهرجن. پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير ??ينيٽر شبلي فراز چيو ته سڄي ملڪ ۾ صحت جي نظام ۾ بهتري آڻي رهيا آهيون. صحت ڪارڊ بنا ڪنهن فرق هر خان??ان کي ڏنو پيو وڃي، پر سنڌ ۾ صحت جو نظام گهڻو خراب آهي. هن چيو ته خيبرپختونخوا ۾ 8 سالن کان اسان جي حڪومت آهي، صوبي ۾ تحريڪ انصاف جي حڪومت هر شعبي ۾ ڪم ڪيو.