اسلام آباد – 19 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم جي قومي سلامتي جي معاملن بابت خاص صلاحڪار معيد يوسف چي?? آهي ته منهنجي خلاف غلط افواهون ڦهلايون پيون وڃن، مون وٽ پاڪستان کانسواءِ ڪنهن ٻئي ملڪ جي ش??ريت ناهي?? مان پاڪستان حڪومت کي پنهنجي ش??ريت بابت پهريان ئي قسم نامو جمع ڪرائي چڪ?? آهيان. پنهنجي اثاثن ۽ شهريت بابت وضاحتي بيان ۾ خاص صلاحڪار چيو ته پنهنجي موجوده ذميواري سنڀالڻ کانپوءِ آمريڪا ناهيان ويو، مون کي آمريڪا مان ڪا به آمدني نه ٿي اچي، منهنجي پرڏيهه ۾ ڪا به اربن يا لکن جي جائيداد ناهي. هن چيو ته منهنجي يا منهنجي خاندان وٽ پاڪستان کانسواءِ ڪنهن ملڪ ۾ ڪا به جائيداد ناهي، غلط فهمي نه ڦهلائي وڃي.