رڪاوٽون نه وڌيون وڃن ها ته اڄ پاڪستان جون حالتون مختلف هجن ها: وزيراعظم

image
APP13-24 NANKANA SAHAB: March 24 - Prime Minister Shahid Khaqan Abbasi addresses the inauguration ceremony of Rai Mansab Ali Khan Kharal Bridge at Sayedwala in Distt Nankana Sahab. APP photo by Mustafa Lashari

ننڪانه صاحب – 24 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته جيڪڏهن ترقي جي راهه ۾ رڪاوٽون نه وڌيون وڃن ها ته اڄ پاڪستان جون حالتون مختلف هجن ها. اها ڳالهه هن ننڪانه صاحب جي ويجهو راوي درياءُ تي راءِ منصب علي خان پل جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چئي، پل جي تعمير سان دريا جي ساڄي طرف جي ٽي روڊ ڏانهن ويندڙ ٽريفڪ کي سهولت حاصل ٿيندي ۽ وڏي ٽريفڪ کي جڙانوالا، ننڪانه صاحب، فيصل آباد، جهنگ، ٽوبيه ٽيڪ سنگ، چنيوٽ ۽ سرگوڌا اهم زرعي ۽ صنعتي مرڪزن تائين رسائي حاصل هوندي

مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپ ڈاؤن لوڈ کریں