اسلام آباد-10 جنوري (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سيئول ۾ پاڪستان جي سفارتخاني ۾ ڪوريا ايگزم بئنڪ جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر اي ڊي سي آپريشن گروپ، ام سونگ يونگ سان مل??قا?? ڪئي. پڌرائيءَ موجب مل??قا?? ۾ پاڪستان ۾ جاري ترقياتي م??صوبن جي اڳڀرائي ۽ مستقبل ۾ تعاون جي م??قعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. مل??قا?? دوران ام سونگ يونگ پاڪستان ۾ جاري رٿائن جا تفصيل فراهم ڪيا ۽ ان جي م??ظوري، جاچ ۽ عملدرآمد جي عمل تي روشني وڌي. هن منصوبن کي تصوراتي مرحلي کان وٺي تڪميل تائين پهچائڻ ۾ پاڪستاني کاتن جي ڪردار جي تعريف ڪئي. هن وڌيڪ ٻُڌايو ته اڪنامڪ ڊولپمينٽ ڪوآپريشن فنڊ (اي ڊي سي ايف) تح?? 2022ع کان 2026ع تائين پاڪستان جي ترقياتي م??صوبن لاءِ 1.1 ارب ڊالر رکيا ويا آهن جڏهن ته هن وقت تائين ٻن منصوبن لاءِ 113 ملين ڊالرن جي م??ظوري ڏني وئي آهي باقي م??صوبن جي م??ظوريءَ جي عمل کي تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي. ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر پاڪستان جي عالمي ترقياتي حصيداريءَ لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ مستقبل ۾ وڌيڪ تعاون جي اميد ظاهر ڪئي. وفاقي وزي?? ڪوريا ايگزم بئنڪ جي اي ڊي سي ايف فنڊز کي هڪ ارب ڊالرن تائين وڌائڻ تي ٿورو مڃيو. وفاقي وزي?? ڪوريا ايگزم بئنڪ تي زور ڀريو ته هو پاڪستان ۾ هڪ ڪنٽري آفيس قائم ڪري ته جيئن منصوبن جي م??ظوريءَ جي عمل کي تيز ۽ هم آهنگيءَ کي بهتر بڻائي سگهجي. وفاقي وزير بئنڪ کان درخواست ڪئي ته هو 12 التوا هيٺ منصوبن جون رسمي ڪارروايون جلد کان جلد مڪمل ڪري ته جيئن ان تي وقت سر عملدرآمد ٿي سگهي. هن 2022ع کان 2026ع دوران رکيل 1.1 ارب ڊالر جي فنڊ جي مؤثر استعمال تي زور ڀريو ۽ ان عمل کي تيز ڪرڻ جي اهميت تي روشني وڌي. مل??قا?? جي پڄاڻيءَ تي ٻنهي ڌُرين ترقياتي رٿائن کي مضبوط بڻائڻ ۽ گڏيل لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ جي عزم کي ورجايو. پاڪستان ۾ ڪوريا ايگزم بئنڪ جي ڪنٽري آفيس جي قيام کي ان ڪوششن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ هڪ اهم قدم قرار ڏنو پيو وڃي.