اسلام آباد – 10 – ڊسمبر (اي پ?? پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ضلعي ??وب ۾ فتنه الخوارج جي خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن کي ساراهيندي چيو آهي ته پوري قوم دهشتگردي جي جنگ ۾ سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي. وزيراع??م آفيس جي پريس ونگ پاران ??اري بيان موجب وزيراعظم 15 خارجين کي جهنم واصل ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيواراڻي صلاحيتن کي ساراهيو. وزيراع??م آپريشن دوران ??هشتگردن سان وڙهندي شهادت ماڻيندڙ سپاهي عارف الرحمان ??هيد کي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي لعنت جي ملڪ مان مڪمل خاتمي تائين ان جي خلاف جنگ جاري رکنداسين، سيڪيورٽي فورسز جا آفيسر ۽ اهلڪار ملڪ جي حفاظت لاءِ ڏينهن رات مصروف عمل آهن، مون سميت پوري قوم کي سيڪيورٽي فورسز جي فرض شناس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي فخر آهي. هن شهيد جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي.