لاهور-22 ڊسمبر (اي پي پي) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا الله تارڙ چيو
آهي ته ملڪي ت??مير ۽ ترقي لاءِ اقليتن جي ڪردار کي وساري نٿو سگهجي،
پاڪستان ۾ اقليتن جي ت??فظ کي بنيادي حق حاصل آهن، مسيحي برادري جي
خوشين ۾ برابر جو شريڪ آهيان. پنهنجي تڪ ۾ ڪرسمس جي حوالي
سان رٿيل تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته ملڪي ت??مير ۽ ترقي لاءِ
اقليتن جي ڪردار کي وساري نٿو سگهجي، پاڪستان ۾ اقليتن کي ت??فظ ۽ سمورا
بنيادي حق حاصل آهن. مسلم ليگ (ن) جي حڪومت اقليتن جي حقن جي ت??فظ
لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻي رهي آهي. مسيحي اسان جا ڀائر آهن انهن جي
خوشي اسان جي خوشي آهي، اسان ڪرسمس جي خوشين ۾ برابر جا شريڪ
آهيون، هن چيو ته گڏجي پورو هفتو مسيحي ڀائرن سان ڪرسمس جون خوشيون
ملهائينداسين، گر??اگهرن تي خصوصي طور روشنين جو بندوبست ڪيو ويندو.
هن چيو ته مان پنهنجي تڪ مان 70 هزار مسيحي برادري جا ووٽ کڻي
اسيمبلي پهتو آهيان، مون کي ووٽ ڏ??ي اوهان مون تي جيڪو اعتماد جو اظهار
ڪيو آهي ان تي پورو لهڻ جي ڪوشش ڪندس. مسيحي ڀائرن سان ڪيل واعدا
ي??د آهن، جلد ترقياتي رٿائن جي شروعات ڪئي ويندي. وفاقي وزير مسيحي
برادري جي علائقن ۾ گر??ا گهرن جي ت??مير، مرمت ۽ رنگ روغن جي خاطري
ڪرائي. بعد ۾ وفاقي وزير عطا الله تارڙ ڪرسمس جو ڪيڪ ڪٽيو ۽ مسيحي
برادري کي مبارڪون ڏنيون.