پشاور-28 نومبر (اي پي پي) خيبرپختونخوا ??ي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان اوورسيز بزنس فورم برطانيا جي نمائندي وفد چيئرمين محمد فاروق خان جي قيادت ۾ گورنر ھائوس ۾ ملاقات ڪئي. گورنر ھائوس پشاور مان جاري بيان مطابق ??فد گورنر کي فورم جي انتظام ھيٺ برطانيا سميت ٻين ملڪن ۾ پاڪستاني شين ۽ ڪاروبار کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ لاڳاپيل خدمتن کان آگاھه ڪيو. ان موقعي تي خيبرپختونخوا ??ي گورنر وفد سان ڳالھائيندي چيو ته خيبرپختونخوا ??ي ڪاروباري شعبي کي عالمي دنيا ۾ متعارف ڪرائڻ لاءِ سنجيده قدم کڻڻ جي ضرورت آھي، صوبي ۾ سياحتي شعبي جي ترقي لاءِ لاڳاپيل معاملن کي آسان بڻائڻو پوندو. وفد گورنر کي ٻڌايو ته پنجاب ۽ سنڌ جي ڀيٽ ۾ خيبرپختونخوا مان ايڪسپورٽ نه ھجڻ جي برابر آھي. وفد چيو ته برطانيا سميت سمورن يورپي ملڪن ۾ خيبرپختونخوا ??ي ڪاروباري نمائش لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ چاھيون ٿا.