باڪو – 13 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته آذربائيجان جي صدر الهام عليوف سان ڪوپ 29 جي موقعي تي انتهائي پرجوش ۽ خوشگوار ملاقات ٿي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ چيو ته باڪو ۾ ورلڊ ليڊرز ڪلائميٽ ايڪشن سمٽ جي ڪامياب انعقاد تي ??يس مبارڪباد ڏيندي ??وس??ياتي ت??دي??ي سان لاڳاپيل معاملن تي ??م جي عزم کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان دنيا ۾ ??وس??ياتي ت??دي??ين جي انتهائي شڪار ملڪن مان هڪ آهي ۽ هو ??وس??ياتي ??ئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ آذربائيجان ۽ عالمي برادري سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو عزم رکي ٿو. وزيراعطم چيو ته ملاقات دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ حصيداري کي مستحڪم بڻائڻ تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي خاص طور تي اقتصادي ۽ دفاعي تعاون، ٽيڪنالاجي جي مٽاسٽا ۽ قابل تجديد توانائي جي شعبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي وچ اوڀر جي صورتحال ۽ ٻين عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته اسان گڏجي هڪ لچڪدار ۽ گڏيل تعاون تي ٻڌل مستقبل جي لاءِ ڪوشش جو عزم ڪريون ٿا.