اسلام آباد-07 نومبر (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو آهي ته مقامي مارڪيٽ ۾ کنڊ جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو ??جحان آهي. اهڙو اظهار هن ڪالهه شگر ايڊوائيزي بورڊ جي اجلاس جي صدارت ڪن??ي ڪي??. اجلاس ۾ واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان به شريڪ هو. اجلاس جي جاري ڪي?? پڌرائي موجب ملڪ ۾ کنڊ جي ذخيري جي مجموعي صورتحال جو ??ائزو ويو ۽ ايندڙ سيزن لاءِ ڪمند جي فصل جي ڪاٿي جو ??ه جائزو ورتو ويو. پڌرائي موجب ايندڙ پيڙهائي سال ۾ کنڊ جي مجموعي ذخيري جي پوزيشن جو ??ه جائزو ورتو ويو. بورڊ مقامي مارڪيٽ ۾ کنڊ جي موجوده قيمتن تي اطمينان جو ??ظهار ڪي??. سموريون شگر ملون 21 نومبر کان پيڙهائي شروع ڪن??يون. 21 تاريخ تائين پيڙهائي نه ڪن??ڙ ملن خلاف ڪارروائي ٿيندي. وفاقي وزير چيو ته آبادگارن جون سموريون ادائيگيون پيڙهائي جي سيزن شروع ٿيڻ کان اڳ مڪمل ڪي??ن وڃن ۽ جيڪي به ملون آبادگارن جون رهتون ادا نٿيون ڪن انهن کان روانگي واپار جي اجازت واپس وٺنداسين. راڻا تنوير حسين چيو ته جيستائين روانگي واپار جي پهرين ڪوٽا مڪمل نه ٿيندي وڌيڪ جي اجازت نٿا ڏئي سگهون. پڌرائي موجب پي ايس ايم اي وڌيڪ کنڊ ايڪسپورٽ ڪرڻ جي اجازت گهري هئي.